ٺٽو : ھي ڪو ڀوت بنگلو ناھي پر ٺٽي جي پرائمري اسڪول جي تصوير آھي جيڪا يونين ڪائونسل ڇتوچنڊ جي وڏي آبادي واري ڳوٺ حاجي رمضان ھيجب جي واحد گرلس پرائمري اسڪول جيڪا گذريل 20 سال کان مٿي عرصي کان بند پيل آھي، معصوم نياڻيون تعليم کان محروم آھن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن تعليم کاتي کي بار بار درخواستون ڏنيون پر ڪو بہ نوٽيس نہ ورتو ويو، ھڪ ڀيرو اخبار جي خبر جو نوٽيس وٺندي سيشن ڪورٽ ٺٽو جي ٿرڊ سول جج اسڪول جو وزٽ ڪري تعليم کاتي کي فوري طور تي اسڪول کولڻ جون ھدايتون ڏنيون جنھن جي ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ٻيھر ٺاپر ٿي وئي، ھڪ ڀيرو ڳوٺاڻن سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ايم پي اي علي حسن زرداري کي اپيل ڪئي تہ ھن اسڪول بابت پارٽي ليول تي ڪوششون وٺي اسڪول کولرائي ڏيندا ڇاڪاڻ ڳوٺاڻن آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي جتيون گسائي ڇڏيون آھن، ھاڻي تہ اسڪول جي بلڊينگ بہ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آھي جنھن تي محسن ھائوس ٺٽو مان شاھنواز لوھار فون ڪري يقين ڏياريو ۽ ڳوٺاڻن خوشيءَ مان علي حسن زرداري جي حمايت ۾ پوسٽون بہ ھلايون پر شاھنواز لوھار جي اھا پھرين ۽ آخري فون ھئي، ان کان پوءِ اسان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪو بہ ريسپانس نہ مليو، يقينن ڳوٺاڻن کي اھا خبر آھي تہ ھي علي حسن زرداري جو تڪ ناھي پر جتي علي حسن زرداري پنھنجي تڪ کان ٻاھر سياسي سرگرميون ڪري سگھي ٿو تہ ٻاھرين تڪن جي عوام بنيادي رياستي سھولتن جي گھر ڪرڻ جو بہ حق رکي ٿي، اھا ماجرہ بہ عجيب ماجرہ آھي جتي سڀ جا سڀ ھڪ پليٽ فارم ۽ ھڪ پيج تي ھڪ ئي قيادت ۽ ھڪ ئي پارٽي ۾ ويٺل ھجن جيڪي سمورا معاملا، ڏيتيون ليتيون، ٺيڪيداريون، نوڪريون ورھائي رکڻ تي متفق ٿي ٿا وڃن اتي جڏھن ڳالھ بنيادي تعليم جي اچي ٿي تہ اتي تڪبنديون، حدبنديون، رڪاوٽون، شڪايتون سڀ مسئلا اچي ٿا گلي ۾ اٽڪن، خدارا ڪجھ قوم جي ٻارڙن تي رحم ڪريو انھن کي تعليم جھڙي زيور کان محروم نہ رکو يقين ڪريو اھي سڀاڻي پڙھي لکي توھان سان ٽڪر ۾ نہ ايندا پر ملڪ کي ضرور سنواريندا
Hasan appealed to Zardari to take efforts at the party level to open the school because the villagers have gone round and round the offices, now the building of the school is completely finished, on which Mohsin House Thatto Maan Shahnawaz Lohar. Reassured by calling and the villagers were happy with Ali Hasan ZardariHe can do political activities outside of the mine. The people of the outer regions have the right to have the basic state facility. Those who agree on the distribution of all matters, children, contractors, jobs, when it comes to basic education, there are restrictions, limitations, obstacles, complaints, all the problems are stuck in the street, God have mercy on the children of some nations. Don't deprive them of the jewels like education. Believe me, tomorrow they will not fight with you after reading and writing, but they will surely beautify the country.
1 Comments
???
ReplyDelete